The Indus Hospital, DHQ Badin

The Indus Hospital, DHQ Badin Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from The Indus Hospital, DHQ Badin, Hospital, Golarchi Road, Badin, Badin.

Indus Hospital & Health Network provides quality healthcare absolutely free of cost to millions of deserving patients through its countrywide network of hospitals in Pakistan

27/03/2026

تشخیص کان علاج تائين، انڊس اسپتال بدين ۾ هڏن جي ٽيومر جو ڪامياب آپريشن




انڊس هسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ پاران بدين جي ماڻهن لاءِ اکين جي مڪمل علاج جي  سهولتن جو آغاز.CBM (Christoffel Blindenmiss...
26/03/2026

انڊس هسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ پاران بدين جي ماڻهن لاءِ اکين جي مڪمل علاج جي سهولتن جو آغاز.
CBM (Christoffel Blindenmission)
جي سهڪار سان، هاڻي بدين ۾ مفت اکين جو علاج، آپريشن، دوائون ۽ عينڪون مهيا ڪيون وينديون. هي سهولتون هاڻي ڊاڪٽر سڪندر علي مندھرو سول اسپتال بدين سميت Indus Hospital & Health Network جي زير انتظام ضلع جي سڀين ڪنٽينر ڪلينڪس ۾ دستياب هونديون جنهن ۾ شادي لارج، ماتلي، علي بندر ۽ ڪورواهه شامل آهن۔ مفت علاج ۾ اکين جو معائنو، آپريشن، دوائون ۽ نظر جون عينڪون شامل آهن۔
انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽورڪ پنهنجي عزم مطابق هر ڳوٺ، هر اسڪول ۽ هر گهر تائين معياري علاج پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.

13/11/2025

ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو سول اسپتال بدين (انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ) ۾ ماء هڪ ئي وقت نارمل ڊليوري ذريعي ٽن پٽن کي جنم ڏنو 👶👶👶. ماءُ ۽ ٻار مڪمل طور صحتياب آهن۔ انڊس اسپتال بدين ۾ هر مهيني تقريباً 650 ڊليوريون ڪاميابي سان ٿين ٿيون، جيڪو ڪنهن به ٻين ضلع ليول جي اسپتال لاءِ هڪ وڏو انگ آهي۔ انڊس اسپتال ضلع بدين جي عوام لاءِ سنڌ حڪومت جو حقيقي تحفو آهي، جتي هر مريض کي معياري علاج ۽ جديد طبي سهولتون مڪمل طور مفت مهيا ڪيون وڃن ٿيون۔













A successful session on “Professional Growth & Development” was held at Dr. Sikandar Ali Mandhro Civil Hospital Badin ma...
22/10/2025

A successful session on “Professional Growth & Development” was held at Dr. Sikandar Ali Mandhro Civil Hospital Badin managed by Indus Hospital & Health Network. The session was facilitated by Mr. Abdul Razaque, an accomplished educationist, LSBE and IPD trainer with over 27 years of experience in teaching, mentoring, and training.

Participants found the session interactive, insightful, and inspiring, focusing on enhancing leadership skills, communication, and career development. We extend our heartfelt thanks to Mr. Abdul Razaque for conducting such a valuable and engaging session, and to all staff members who participated with great enthusiasm. 🌟

ذھني صحت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو سول هسپتال بدين ۾ ذهني صحت بابت هڪ معلوماتي سيشن جو انعقاد ڪ...
10/10/2025

ذھني صحت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو سول هسپتال بدين ۾ ذهني صحت بابت هڪ معلوماتي سيشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽرن، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ سيشن کي خطاب ڪندي هيڊ آف ڪيمپس ڊاڪٽر سڪندر علي ميمن چيو ته ذهني صحت جسماني صحت جيتري ئي اهم آهي، تنهن ڪري هر فرد کي پنهنجي ذهني تندرستي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ هن زور ڏنو ته اسپتال انتظاميا طرفان اهڙيون سرگرميون مستقبل ۾ به جاري رهنديون۔ سينئر سائيڪياٽرسٽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي لاکير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ تيزي سان وڌندڙ ذهني بيماريون جهڙوڪ Anxiety (پريشاني)، Depression (اداسي ۽ مايوسي)، Psychosis (ذهني توازن وڃائڻ) ماڻهن جي زندگيءَ تي سڌي ريت اثرانداز ٿي رهيون آهن۔ هن چيو ته نشي آور شيون جهڙوڪ ڳٽڪو، شراب، آئيس، ڀنگ ۽ چرس ذهني بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب بڻجي رهيون آهن، جڏهن ته بيروزگاري، سماجي دٻاءُ ۽ اڪيلائي به ماڻهن کي ذهني ڏکن ڏانهن ڌڪي رهي آهي۔
ڊاڪٽر ذوالفقار علي لاکير وڌيڪ چيو ته ذهني بيمارين جي علاج سان گڏ سماجي رابطن کي فروغ ڏيڻ به انتهائي ضروري آهي۔ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي خاندان، دوستن ۽ سماج سان ڳنڍيل رهن ته هو ڪيترن ئي ذهني ڏکن کان بچي سگهن ٿا۔
مقرر زور ڏنو ته صرف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جو ڪردار ڪافي نه آهي، پر اسڪولن، ڪاليجن، مذهبي اڳواڻن، سماجي تنظيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيئن معاشري مان ذهني بيمارين کي گهٽائي سگهجي۔
سيشن جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر سڪندر علي ميمن عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سول هاسپيٽل بدين جي انتظاميا اهڙن آگاهي سيشنز ۽ مهم کي باقاعدي جاري رکندي، جيئن ماڻهن ۾ ذهني صحت بابت شعور وڌي ۽ هڪ صحتمند سماج جوڙجي سگهي۔

Address

Golarchi Road, Badin
Badin
72200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Indus Hospital, DHQ Badin posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to The Indus Hospital, DHQ Badin:

Shortcuts

Share

Category