Dr Shakir Hussain Keerio

Dr Shakir Hussain Keerio 🔹 Gastroenterologist | Hepatologist | Interventional Endoscopist

ڇا علاج ڪرائڻ کان پوءِ به توهان جي رت جي رپورٽ H. pylori لاءِ پازيٽو اچي رهي آهي؟ پريشان نه ٿيو! 🛑🩺اسان جي ڪلينڪ تي گهڻا...
22/07/2026

ڇا علاج ڪرائڻ کان پوءِ به توهان جي رت جي رپورٽ H. pylori لاءِ پازيٽو اچي رهي آهي؟ پريشان نه ٿيو! 🛑🩺

اسان جي ڪلينڪ تي گهڻا مريض اها شڪايت کڻي اچن ٿا ته هنن H. Pylori جو پورو ڪورس ۽ ڳريون دوائون (Antibiotics) استعمال ڪيون آهن، پر پوءِ به جڏهن هو "رت جي ٽيسٽ" ڪرائن ٿا ته اها Positive اچي ٿي.
ان حوالي سان هڪ اهم طبي حقيقت ۽ ٽيسٽ جو صحيح طريقو سمجهڻ تمام ضروري آهي:
🩸 1. رت جي ٽيسٽ (Blood Antibody Test) جو سچ:
رت ذريعي ٿيندڙ H. Pylori ٽيسٽ اصل ۾ جراثيم کي نه، پر جسم ۾ ٺهيل "اينٽي باڊيز" (Antibodies) کي چيڪ ڪندي آهي. جڏهن توهان کي هڪ دفعو انفيڪشن ٿي ويندو آهي ته اهي اينٽي باڊيز علاج کانپوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين رت ۾ موجود رهنديون آهن، ڀلي جراثيم ختم به ٿي ويو هجي.
انڪري، علاج کانپوءِ رت جي ٽيسٽ Positive اچڻ جو مطلب اهو بلڪل ناهي ته توهان اڃا بيمار آهيو.
🧪 2. صحيح ٽيسٽ ڪهڙي آهي؟
جيڪڏهن توهان علاج مڪمل ڪري چڪا آهيو ۽ اهو تصديق ڪرڻ چاهيو ٿا ته جراثيم واقعي ختم ٿي ويو آهي يا نه، ته ان لاءِ هي ٻه Evidence-based ٽيسٽون سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳيون آهن:
Stool Antigen Test (پائخاني جي ٽيسٽ)
Urea Breath Test - UBT (ساهه واري ٽيسٽ)
اهي ٻئي ٽيسٽون صرف ان صورت ۾ پازيٽو اينديون آهن جڏهن معدي ۾ جراثيم واقعي موجود هوندو. تنهنڪري جراثيم جي مڪمل خاتمي جي تصديق لاءِ هميشه انهن ٽيسٽن جو انتخاب ڪريو.
⚠️ 3. معدي جي هر تڪليف H. Pylori ناهي!
اهو ضروري ناهي ته معدي جي ساڙي، سور يا بيچيني جو سبب صرف H. Pylori هجي. گهڻو ڪري اهو Functional Dyspepsia (معدي جي ڪم ڪرڻ ۾ خرابي)، خوراڪ جي بي احتياطي يا ذهني دٻاءُ سبب به ٿي سگهي ٿو. هر معدي جي تڪليف لاءِ H. Pylori جون سخت دوائون بار بار کائڻ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
✅ مشورو:
جيڪڏهن توهان علاج مڪمل ڪري چڪا آهيو، ته پراڻي رت واري ٽيسٽ تي پريشان ٿيڻ بدران اصول مطابق نئين ٽيسٽ ڪرايو
صحت مند رهو، باخبر رهو! 🌿

الحمدلله، 4 سالن جي نينگري طرفان حادثاتي طور ڳهي ويل چاٻيون نجيب ميڊيڪل ڪمپليڪس، نوابشاهه ۾ ڪاميابي سان ڪڍيون ويون. محفو...
20/07/2026

الحمدلله، 4 سالن جي نينگري طرفان حادثاتي طور ڳهي ويل چاٻيون نجيب ميڊيڪل ڪمپليڪس، نوابشاهه ۾ ڪاميابي سان ڪڍيون ويون. محفوظ نتيجي ۽ ٻارڙي جي خيريت تي الله پاڪ جو شڪر.

19/07/2026

■ ڪارو يرقان ڇا آهي؟

پاڪستان ۾ عام طور تي “ڪارو يرقان” مان مراد هيپاٽائٽس بي (Hepatitis 😎 ۽ هيپاٽائٽس سي (Hepatitis C) هوندي آهي.

هي هڪ وائرس جي ڪري ٿيندڙ انفيڪشن آهي، جيڪو جگر (Liver) کي متاثر ڪري ٿو. جيڪڏهن وقت تي تشخيص ۽ علاج نه ڪيو وڃي ته اهو جگر جي سِروسس (Cirrhosis) ۽ جگر جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

■ هي هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين ڪيئن منتقل ٿئي ٿو؟

* متاثر ٿيل رت جي ذريعي.
* غير محفوظ جنسي لاڳاپن ذريعي (خاص طور تي هيپاٽائٽس بي).
* آلوده سرنج يا انجڪشن استعمال ڪرڻ سان.
* غير جراثيم ڪش اوزارن سان ڏندن جو علاج، آپريشن، ختنو، اينڊوسڪوپي، برونڪوسڪوپي يا ٽيٽو ٺهرائڻ سان.
* متاثر ٿيل ماءُ کان ٻار کي ڄمڻ وقت (هيپاٽائٽس بي).
* استرو، ريزر، نيل ڪٽر يا ٽوٿ برش گڏيل استعمال ڪرڻ سان.

■ پر هي بيماري هيٺين طريقن سان منتقل نٿي ٿئي:

* گڏجي کائڻ پيئڻ سان.
* هٿ ملائڻ سان.
* ڀاڪر پائڻ سان.
* گڏ ويهڻ سان.
* گڏيل برتن استعمال ڪرڻ سان.

■ علامتون ڪهڙيون آهن؟

گهڻن مريضن ۾ شروعاتي مرحلي ۾ ڪا به علامت ظاهر نٿي ٿئي. گهڻو ڪري بيماري جو پتو معمولي ميڊيڪل چيڪ اپ يا پرڏيهه وڃڻ لاءِ ٿيندڙ ميڊيڪل جاچ دوران پوي ٿو.

■ تشخيص ڪيئن ڪئي ويندي آهي؟

هيپاٽائٽس بي لاءِ:

* HBsAg
* HBV DNA
* HBeAg / Anti-HBe
* ALT, AST
* الٽراسائونڊ
* ڪجهه مريضن ۾ جگر جي نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ FibroScan يا ٻيا ٽيسٽ.

هيپاٽائٽس سي لاءِ:

* Anti-HCV Ab
* HCV RNA

■ بچاءُ ڪيئن ممڪن آهي؟

* هيپاٽائٽس بي کان بچاءَ لاءِ ويڪسين موجود آهي، جيڪا سڀ کان مؤثر تحفظ آهي.
* هيپاٽائٽس سي لاءِ اڃا تائين ڪا ويڪسين موجود ناهي.
* هميشه نئين ۽ جراثيم کان پاڪ سرنج استعمال ڪريو.
* رت لڳائڻ کان اڳ ان جي مڪمل اسڪريننگ ضرور ڪرائي وڃي.
* استرو، ريزر، نيل ڪٽر ۽ ٽوٿ برش گڏيل استعمال نه ڪريو.
* جيڪڏهن حامله عورت کي هيپاٽائٽس بي هجي ته ٻار کي ڄمڻ کان فوراً پوءِ هيپاٽائٽس بي جي ويڪسين ۽ HBIG ضرور ڏنو وڃي.

■ علاج ڇا آهي؟

هيپاٽائٽس جي هر مريض کي دوا جي ضرورت نه هوندي آهي. علاج جو دارومدار وائرس جي مقدار (Viral Load)، جگر جي ٽيسٽن (LFTs) ۽ جگر جي حالت تي هوندو آهي.

جيڪڏهن وائرس سرگرم هجي يا جگر متاثر ٿي رهيو هجي ته علاج شروع ڪرڻ ضروري هوندو آهي. هيپاٽائٽس بي ۾ علاج سان وائرس کي مڪمل ختم نٿو ڪري سگهجي، پر ان کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ممڪن آهي.

علاج دوران باقاعده فالو اپ ۽ ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري هوندا آهن.

هيپاٽائٽس سي جو مناسب علاج ذريعي مڪمل خاتمو ممڪن آهي.
————
Dr.Shakir Hussain keerio
Consultant Gastroenterologist hepatologist and Endoscopist

پائيخاني ۾ رت اچڻ: عام سبب ۽ احتياطڪيترا ماڻهو پائيخاني ۾ رت اچڻ کي صرف بواسير (موڪا) سمجهي علاج ڪرائڻ ۾ دير ڪري ڇڏين ٿا...
16/07/2026

پائيخاني ۾ رت اچڻ: عام سبب ۽ احتياط

ڪيترا ماڻهو پائيخاني ۾ رت اچڻ کي صرف بواسير (موڪا) سمجهي علاج ڪرائڻ ۾ دير ڪري ڇڏين ٿا، پر حقيقت ۾ هن جي مختلف سبب ٿي سگهن ٿا، جيڪي سنجيده به ٿي سگهن ٿا.

1. بواسير (Hemorrhoids) - موڪا

بواسير ۾ پائيخاني جي جاءِ تي رت جي رڳون ڦٽي وڃن ٿيون، جنهن سبب رت اچڻ، سوزش ۽ ڪڏهن خارش يا درد ٿئي ٿو.
علامتون:
• پائيخاني سان رت اچڻ (ڪڏهن به بغير سور جي)
• گوشت جو ٽڪرو (مسو) نڪرڻ
• خارش يا سوجن

بواسير جا چار مرحلا (Grade 1 کان 4) ٿين ٿا، جن ۾ فرق رت اچڻ ۽ گوشت نڪرڻ جي شدت سان ٿئي ٿو.

2. اينل فشر (A**l Fissure) - زخم يا چير

قبض يا سخت پائيخاني سبب پائيخاني جي جاءِ تي چير پئجي ويندو آهي، جنهن سان رت اچڻ ۽ تمام گهڻو سور ٿيندو آهي.
علامتون:
• پائيخاني دوران سخت سور
• ٿورو رت اچڻ
• پائيخاني بعد به درد جو رهڻ

3. فسٽيولا (A**l Fistula) - اضافي سوراخ

پائيخاني واري جاءِ ويجهو هڪ اضافي سوراخ ٿي وڃي ٿو، جيڪو آنڊي سان ڳنڍيل هوندو آهي.
علامتون:
• اضافي سوراخ مان پيپ يا گند اچڻ
• ڪڏهن ڪڏهن رت اچڻ
• سور ۽ انفڪشن جو ٿيڻ

4. پيري اينل ايبسيس (Perianal Abscess) - ڦٽي يا داڻو

پائيخاني واري جاءِ تي هڪ داڻو يا ڦٽي ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ پيپ ڀرجي سگهي ٿي.
علامتون:
• سوزش، سخت سور
• بخار ۽ جسماني ڪمزوري
• گند يا پيپ اچڻ

5. آنڊي جو ڪينسر (Colorectal Cancer)

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو آنڊي جي ڪينسر کي بواسير سمجهي وقت ضايع ڪري ڇڏين ٿا، جيڪو زندگي لاءِ تمام وڏو خطرو آهي.
علامتون:
• پائيخاني سان رت اچڻ
• مسلسل قبض يا دست
• وزن ۾ غيرمعمولي گهٽتائي
• ڪمزوري ۽ خون جي گهٽتائي

ڇو ماهر ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ضروري آهي؟

گهڻا ماڻهو بنا تشخيص جي عام دوا يا جڙي ٻوٽين جو استعمال ڪن ٿا، جيڪو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ڪجهه مريض ته پاڻ سمجهن ٿا ته بواسير آهي، پر جڏهن معائنو ٿيندو ته آنڊي جو ڪينسر نڪرندو.

صحتياب رهڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

✔️ فائبر سان ڀرپور خوراڪ وٺو (ميوا، ڀاڄيون، داڻيدار کاڌو)
✔️ پاڻي گهڻو پيئو
✔️ وقت تي واش روم وڃو ۽ قبض ٿيڻ نه ڏيو
✔️ ڪنهن به علامت تي فوري طور تي آنڊي جي ماهر (Gastroenterologist) سان رابطو ڪريو

ياد رکو: پائيخاني ۾ رت اچڻ ڪنهن به وڏي بيماري جي شروعات ٿي سگهي ٿي، ان کي نظرانداز نه ڪريو!

Shakir HUSSAIN keerio
Consultant Gastroenterologist
🚨Najeeb medical complex sakrand road nawabshah
Monday to Thursday
🕰️ 2pm to 7pm

14/07/2026

🚨 جِگَر خراب ٿيڻ جون 8 خاموش نشانيوناهي علامتون، جن کي گهڻا ماڻهو صرف “عام ڪمزوري” سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن…ڪڏهن ڪڏ...
13/07/2026

🚨 جِگَر خراب ٿيڻ جون 8 خاموش نشانيون

اهي علامتون، جن کي گهڻا ماڻهو صرف “عام ڪمزوري” سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن…

ڪڏهن ڪڏهن جسم اسان کي خاموشي سان خبردار ڪري رهيو هوندو آهي…
جيڪڏهن بک گهٽجي وڃي، جسم ۾ خارش ٿئي، اکيون هلڪيون پيليون لڳڻ لڳن، پيشاب جو رنگ گهڻو ڳاڙهو ٿي وڃي، يا هر وقت عجيب قسم جي ٿڪاوٽ محسوس ٿئي، ته اهو صرف روزاني ٿڪاوٽ نه به ٿي سگهي ٿو.

⚠️ جگر جي بيماري اڪثر آهستي آهستي وڌندي آهي.
شروعات ۾ سور به گهٽ هوندو آهي، ۽ علامتون ايتريون عام هونديون آهن جو مريض انهن کي سنجيدگي سان نٿو وٺي.
پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ئي “عام” علامتون اڳتي هلي وڏي بيماري جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون.

🔍 اهي 8 نشانيون خاص ڌيان گهرن ٿيون:
🔸 بنا ڪنهن واضح سبب جي سخت ٿڪاوٽ يا ڪمزوري
🔸 بک ختم ٿيڻ يا وزن گهٽجڻ
🔸 اکين يا چمڙي جو پيلو ٿي وڃڻ
🔸 پيٽ جي ساڄي مٿئين حصي ۾ سور يا ڳرو محسوس ٿيڻ
🔸 بار بار متلي يا بدهضمي
🔸 چمڙي ۾ خارش
🔸 پيشاب جو تمام گهڻو ڳاڙهو ٿي وڃڻ
🔸 ٽنگن يا پيٽ ۾ سُڄڻ

⛔ خطرو ڪڏهن وڌي وڃي ٿو؟
جيڪڏهن انهن سان گڏ هي علامتون به هجن، ته انتظار نه ڪريو:
❗ پاخاني يا الٽي ۾ رت اچڻ
❗ ذهني مونجهارو، گهڻي ننڊ اچڻ يا بيچيني
❗ تيز پيلاڻ
❗ پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ يا سُڄڻ
❗ ڪمزوري جو تيزي سان وڌڻ

💬 هڪ اهم ڳالهه
هر علامت جو مطلب جگر جي بيماري ناهي هوندو…
پر جيڪڏهن جسم بار بار ساڳيو اشارو ڏئي رهيو هجي، ته ان کي نظرانداز ڪرڻ مناسب ناهي.
وقت تي تشخيص رڳو بيماري سڃاڻڻ لاءِ نه، پر جگر کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ به ضروري آهي.

🩺 جيڪڏهن توهان يا توهان جي ڪنهن عزيز ۾ اهي علامتون موجود هجن، ته معدي ۽ جگر جي ماهر ڊاڪٽر سان ضرور صلاح ڪريو.

Dr Shakir Hussain keerio
Consultant Gastroenterologist, Hepatologist & Interventional Endoscopist
Najeeb medical complex sakrand road Nawabshah

10/07/2026

جگر جي مريضن ۾ رت جي الٽي جي صورت ۾ بروقت اينڊو اسڪوپي سان مريض جي زندگي بچائي سگهجي ٿي
هميشه جگر جي بيماري جو علاج جگر جي ماهرن کان ڪرايو

جگر جي بيمارين جي مريضن جي آگاهي لاء هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو.

ڊاڪٽر شاڪر حسين ڪيريو
جگر معدي ۽ پيٽ جي بيمارين جو ماھر
اسسٽنٽ پروفيسر پمس يونيورسٽي نواشاه

🎯 سومر کان جمعو: نجيب ميڊيڪل سينٽر سڪرنڊ روڊ، نوابشاهه، سنڌ.
2 بجي کان7 بجي تائين
0302-2486086
0333-7022313

09/07/2026

جولاءِ – هيپاٽائٽس آگاهي جو مهينو

هيپاٽائٽس هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا جگر (ليور) کي متاثر ڪري ٿي. اندازن موجب، دنيا ۾ تقريباً 30 ڪروڙ (300 ملين) ماڻهو دائمي هيپاٽائٽس بي يا سي سان زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن کي پنهنجي بيماري جي خبر ئي ناهي.

پاڪستان ۾ به هيپاٽائٽس بي ۽ سي عوامي صحت جو اهم مسئلو آهن. وقت سر ٽيسٽ، ويڪسين (هيپاٽائٽس بي لاءِ)، محفوظ رت، صاف سرنجن جو استعمال ۽ بروقت علاج سان هن بيماري کان بچاءُ ممڪن آهي.

اچو ته جولاءِ جي هن آگاهي واري مهيني ۾ پاڻ به جاچ ڪرايون ۽ ٻين تائين به صحيح معلومات پهچايون.

**🚫 ڇا ڳري کاڌي کانپوءِ کولڊ ڊرنڪ پيئڻ سان واقعي کاڌو هضم ٿيندو آهي؟**اسان سڀني جي گهڻو ڪري اها عادت هوندي آهي ته شاديءَ...
08/07/2026

**🚫 ڇا ڳري کاڌي کانپوءِ کولڊ ڊرنڪ پيئڻ سان واقعي کاڌو هضم ٿيندو آهي؟**
اسان سڀني جي گهڻو ڪري اها عادت هوندي آهي ته شاديءَ جي ماني، ڪڙاهي يا برياني کائڻ کانپوءِ فوري طور تي ڪا "ٿڌي بوتل" (Cold Drink) گهرندا آهيون. اسان جو خيال هوندو آهي ته ان سان کاڌو جلدي هضم ٿي ويندو. پر ڇا واقعي ائين آهي؟
اچو ته اڄ هن غلط فهميءَ کي دور ڪريون!
# # # ❌ کولڊ ڊرنڪ وارو دوکو
جڏهن اسان ڪا ڪاربان واري (Carbonated) ڊرنڪ پيئندا آهيون ته اسان کي فوري طور تي هڪ وڏو اوڳاڇ (Burp) ايندو آهي. اسان سمجهندا آهيون ته "واه! کاڌو هضم ٿي ويو". پر حقيقت ۾ اهو هاضمو نه هوندو آهي! اها صرف ان بوتل جي پنهنجي گئس هوندي آهي جيڪا معدي مان ٻاهر نڪرندي آهي.
ان جي ابتڙ، ٿڌي سوڊا ۽ ان ۾ موجود تمام گهڻي کنڊ هاضمي جي عمل کي سست ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ توهان جي معدي ۾ وڌيڪ ڦوڪ (Bloating) پيدا ڪندي آهي.
# # # ✅ هاضمي لاءِ بهترين ۽ صحتمند متبادل
جيڪڏهن توهان واقعي چاهيو ٿا ته معدي تان بار هلڪو ٿئي ۽ کاڌو صحيح طريقي سان هضم ٿئي، ته ڪيميائي سوڊا ڇڏي هي قدرتي شيون استعمال ڪريو:
* **پوديني جو مارگريٽا (Mint Margarita):** تازو پودينو ۽ ليمي جو رس نه رڳو پيئڻ ۾ مزيدار آهي پر هي معدي جي گرمي گهٽائي ٿو ۽ هاضمي جي سسٽم کي تيز ڪري ٿو.
* **سائي چانهه (Green Tea):** ڳري کاڌي کانپوءِ هڪ ڪپ گرم سائي چانهه جو پيئڻ هڪ بهترين انتخاب آهي. هي ميٽابولزم (Metabolism) کي وڌائي ٿي ۽ کاڌي کي جلدي ڳارڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
* **ڪوسو پاڻي ۽ ليمو (Warm Water with Lemon):** هي سڀ کان سادو، سستو ۽ اثرائتو طريقو آهي. هڪ گلاس ڪوسي پاڻي ۾ اڌ ليمو نپوڙي پيئو. هي توهان جي معدي کي صفا ڪندو ۽ ڦوڪ (Bloat) کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيندو.
**هڪ ننڍڙي تبديلي توهان جي صحت بهتر بڻائي سگهي ٿي!** 🌿
اڳين دفعي جڏهن به ڪو ڳرو کاڌو کائو ته سوڊا بدران انهن مان ڪا هڪ شئي آزمائي ڏسو، توهان پاڻ معدي ۾ هلڪوپڻ محسوس ڪندا.
ڇا توهان اڄ کان بوتل ڇڏي قدرتي مشروبات پيئڻ جو ارادو
ڪيو ٿا؟ پنهنجي راءِ ڪمينٽس ۾ ضرور ڏيو! 👇
——
Dr Shakir Hussain keerio
Consultant gastroenterologist hepatologist and endoscopist
Najeeb medical center Nawab shah

07/07/2026

🏃‍♂️🍎وڌندڙ وزن صرف ظاهري خوبصورتي جو مسئلو ناهي، پر شگر، بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين جو سڏ آهي

اچو ته سائنسي تحقيق جي روشني ۾ اهي 5 عملي طريقا ڄاڻون جيڪي وزن گهٽائڻ ۾ واقعي مددگار ثابت ٿين ٿا:

1. پروٽين جو استعمال وڌايو (بک تي ضابطو): 🍳
پنهنجي ناشتي ۾ آنو، دالون يا چڻا شامل ڪريو. تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪي ماڻهو پروٽين وارو ناشتو ڪن ٿا، انهن کي سڄو ڏينهن گهٽ بک لڳندي آهي.

2. مٺاڻ ۽ سفيد شين کان پرهيز (وائٽ پوائنز): 🚫🍚
کنڊ، مٺا مشروب (ڪولڊ ڊرنڪس يا جوس)، ميدو ۽ اڇا چاول اسان جي جسم ۾ چرٻي (Fat) بڻجي گڏ ٿين ٿا. انهن جي جاءِ تي سڄو اناج (Whole grains) ۽ لسي يا تازو پاڻي استعمال ڪريو.

3. رات جو کاڌو ۽ سمهڻ ۾ وقفو: 🌙
ڪوشش ڪريو ته رات جو کاڌو سمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪلاڪ اڳ کائو. اسان جي مقامي روايت موجب دير سان ڳرا کاڌا کائي سمهڻ موٽاپي جو وڏو سبب آهي.

4. پنڌ ڪرڻ کي عادت بڻايو: 🚶‍♂️
جم وڃڻ ضروري ناهي، پر روزانو گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽ تيز پنڌ (Brisk Walking) معجزو ڪري سگهي ٿي. پنهنجي آفيس يا مسجد وڃڻ لاءِ پنڌ کي ترجيح ڏيو.

5. ننڊ ۽ ذهني سڪون: 😴
تحقيق موجب جيڪي ماڻهو 7 کان 8 ڪلاڪ پوري ننڊ نٿا ڪن، انهن جو وزن تيزي سان وڌي ٿو. پريشاني (Stress) ۾ انسان وڌيڪ کائي ٿو، تنهنڪري پنهنجي ذهني صحت جو خيال رکو.
ياد رکو: وزن گهٽائڻ ڪو هڪ ڏينهن جو جادو ناهي، پر هي توهان جي طرزِ زندگي (Lifestyle) ۾ ننڍڙي تبديليءَ جو نالو آهي.
اڄ ئي پنهنجي صحت لاءِ پهريون قدم کڻو!.m #

Address

Najeeb Medical Complex
Nawabshah
71000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr Shakir Hussain Keerio posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share