08/07/2026
**❤️ جڏهن دل اوچتو تيز ڌڙڪڻ لڳي...**
# # # **ڇا اهو دل جو دورو (Heart Attack) آهي يا پينڪ اٽيڪ (Panic Attack)؟**
جيڪڏهن توهان کي ھيٺيون علامتون محسوس ٿين:
✅ اوچتو دل تمام تيز ڌڙڪڻ لڳي
✅ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف يا مونجھارو محسوس ٿئي
✅ شديد گهٻراهٽ يا موت جو خوف محسوس ٿئي
✅ اها ڪيفيت ڪجهه منٽن ۾ پاڻ ئي ٺيڪ ٿي وڃي
✅ اها تڪليف بار بار ٿيڻ لڳي
✅ هر ڀيري ايمرجنسي ۾ سڀئي ٽيسٽ نارمل اچن
**ته ممڪن آهي ته اها "پينڪ اٽيڪ" هجي، دل جو دورو نہ.**
⚠️ **ياد رکو:** جيڪڏهن اها تڪليف پهريون ڀيرو ٿي رهي هجي يا علامتون تمام شديد هجن، ته فوري طور ايمرجنسي يا ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو ته جيئن دل جي بيماري کي رد ڪري سگهجي.
🧠 جيڪڏهن طبي جاچ ۾ دل جي ڪا بيماري نه نڪري ۽ اها ڪيفيت بار بار ٿئي، ته **ماهرِ نفسيات يا ڪلينڪل سائڪالوجسٽ** سان ضرور صلاح ڪريو.
**پينڪ اٽيڪ جو مؤثر علاج موجود آهي.**
نوٽ:
سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪاٽري ۽ بيھيورل سائنسس حيدرآباد سنڌ جي طرفان ٽيلي سائيڪيٽري، سي بي ٽي ٿيراپي، جنرل ڪائونسلنگ ۽ نفسياتي مرض جي معلومات جون سھوليتون ميسر آھن. ھتي ان پرسن ۽ آن لائين ٿيراپي پڻ مھيا ڪئي وڃي ٿي. وڌيڪ معلومات ۽ رجسٽريشن لاءِ رابطو ڪريو: 0229260093، 0222100293 يا ويب سائيٽ وزٽ ڪريو: https://www.scjip.org