سچا رِشتا

سچا رِشتا 👨‍⚕️ Dr. Abdul Aziz Sodhar – Medical Consultation & Health Advice
Offering professional medical guidance and health awareness content.

This page aims to educate, guide, and support patients with reliable medical information for better health outcomes.

19/07/2026

19.07.2026
ڏک جي خبر....
اِنالِلٰہ وَ اِنا اِليہِ رَاجعُون.

مرحوم ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر جي زوجہ،
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر، مختيار علي سوڍر، راجه وسيم نواز سوڍر، جي امڙ، اڄ 6.30 بجہ ، الله تعالٰي جي رضا سان، الله تعالٰي کي پياري ٿي وئي، الله تعالٰي اسان جي امڙ کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مُقام عطا فرمائي. آمين.

17/07/2026

رَبٌُ رُسٖي مَتِ کَسي ھَڻٖي ڪِينَ ھَٿِيَارُ،
ڏيکاري اھڙو پارُ جَنھِن جو جِيءُ جوکٖي ۾.

Tum sa koi piyara koi masoom naheen he.
28/06/2026

Tum sa koi piyara koi masoom naheen he.

26/06/2026
Past never come....
26/06/2026

Past never come....

26/06/2026

Past never come.... # # #

26/05/2026

26.may.2026
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر ُ...

سَچُ وڏو ڏوھاري آھي/ ڌَڪُ وڏو ڪاپاري آھي.

جو اڄُ مان لکي رهيو آهيان ، وڏي ھمت ۽ جرئت سان لکي رهيو آهيان ،ھزار بار سوچيو ھوندم ،۽ شايد منھنجي زندگيءَ جي آخري لکڻي ھجي!! ڇوتہ مان زندگي ۽ سچن رشتن کان ايترو تہ مايوس ٿي ويو آھيان جو ھڪ منٽ بہ الله تعالٰي کان نٿو وٺڻ چاھيان ،بس اھا گھڙي منھنجي آخري گھڙي ھجي....@@

مان ڪنھِن بہ رشتي جي خِلافِ نہ آھيان ،ھر رشتو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي مُقدس آھي ۽ پنھنجي حيثيت رکي ٿو ،تہ وزن بحر بہ رکي ٿو. ھاڻ ڪنھن انسان جي ڪيتري اوقات!!!؟؟؟،جيڪو رشتن جي وزن بحر کي برقرار رکندو ايندو!! اھو انسان پنھنجي زندگي ۾ اوترو وزن بحر رکي پنھنجي پڇاڙي ڀلي ڪندو آهي!! ۽ پڇاڙيءَ ۾ھر ننڍو وڏو رشتو ان کي اوتري اھميت ڏيندو....۽ جيڪو رشتو پنھنجي رشتن کي وزن بحر ۾ گھٽ وڌ ڪندو آهي اھو اوترو پاڻ لاءِ پنھنجي زندگي اَجِيرَن ڪندو آهي.
مِثال طور.......... ماءُ يا پيءُ....پنھنجي اولاد کي پيار و محبت ،يا ملڪيت جي وراثت پنھنجي عقل ، شريعت محمدي موجب پنھنجي اولاد ۾ تقسيم ڪيو!!!!!!!؟؟؟
يا پنھنجي عقل فهم وسيلي ڪنھن کي گھٽ وڌ ڏنائين!!؟؟؟
ھِتي ، جيڪڏهن مان اھو لکڻ چاھيان ، ھڪ فرد اولاد کي ماءُ پيرين اگھاڙو ڪڍي ڇڏي تہ ڇا اُن تي ھڪ فرد کي ماءُ اڳيان اُٿي پورو حق گھرڻ جو حق ناھي!!!!! ؟؟؟؟ يا اھو فرد اکيون بند ڪري نِڪري ھليو وڃي!! ۽ نڪري بہ ويس (اُن جا گواہ بہ اڃا زندھ آھن) فيصلو ڪرڻ وارا بہ زندھ آھن. ڇا اھا ماءُ باقي زندگي سُک سان گُذاريندي!!! ؟؟؟؟؟
ان ماءُ اھو سوچيو تہ ڀَريَل گھرٓ ڀريان تہ رھيو کھيو مالُ بہ انھن تان قربان تہ سُکِي رھان مان اڳڀري!!!! ھاڻ ڪو ان سُکيءٓ ماءُ کان سُک پُڇي!!!!!!
ھميشه اھو ورجايو ،ورجايو وڃي ٿو تہ ماءُ جو احترام ڪيو ،ماء جو ادب ڪيو!!! ماءُ اڳيان اُف نہ ڪيو جو ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي ، اوھان کان جنت کسجي ويندي ، تہ پوءِ پيءُ تہ جنت جو دروازو آهي ، جي دروازو ئي نه کلندو تہ ٻچو جنت ۾ڪيئن داخل ٿيندو!!! ؟؟؟؟؟
مان تہ الله تعالٰي اڳيان ھٿ ٻڌي چوندم مولا مان تہ بابا سائين جي قدمن ۾ ويھي جنت جي دروازي کي کولڻ ئي نه ڏيندس ،،،، چوندم يا الله جڏھن دنيا جي گھر ملڪيت جي ورھاست امڙ انصاف سان نہ ڪئي تہ جنت جي ورھاست ڪيئن ڪندي!!! ؟؟؟؟
جيڪو اھو بانور ڪرايو ٿو وڃي ماءُ اڳيان اُف نہ ڪيو ،نہ تہ جنت ڪونہ ملندي.... اھو اولاد جو ڪم نہ آھي تہ ماءُ جي ادب ۾ پنھنجي حق - ورھاست تان ھٿ ڌوئي ويھي.... تہ جي اف ڪندس تہ جنت ويندي...... پر مون پوءِ به ايئن ڪيو... پر.... حقيقت اھا آھي تہ ماءُ کي اھو سوچڻ گھرجي تہ جيڪڏھن دنيا جي ورھاست سھي نہ ڪنديس تہ پوء جنت جي ورھاست ڪيئن ڪندس!!! ؟؟؟... مون بي وس ٿي ھٿ مٿي ڪيا..... صرف امڙ کي اھو چيم امڙ جيستائين زندھ آھين..... وچ تي کٽ رکي ويھ ۽ تون سڀن کي اھو چتاءُ ڏي.... تہ جيستائين زندھ آھيان مُنھنجي مڙس جي ملڪيت جي مان وارث آھيان..... منھنجي مڙس جو گھر ، منھجي مڙس جي پينشن جي مان وارث آھيان ، جيستائين زندھ آھيان ڪو بہ نہ کپائيئيدو... جڏھن مري وڃان تہ پوءِ..... ٻہ ڀائر ٽيون ليکو.....
پر امڙ اھڙو فيصلو ڪيو جو اڄ بہ منھنجو جگر ڪسجي ٿو ،جنھن اولاد لاءِ امڙ ڪَرَ ٿي کنيان سي شل ڪنھن جا ڪانڌي ڪين ٿين...... ھاڻي امڙ کي ھِندوري ۾ لوڏن.!!! ؟؟؟
ھاڻي پنھنجي مڙس جِي پينشن ٻه لَکَ روپيہ اٿس پر ،امڙ ھِڪٓ روپيہ جِي مُحتاج.... جنھن مونڀي کي پنھنجو ھڏڏوکي ،ھمدرد سمجھي سڀئي ڪاغذ باحفاظت ھٿ ۾ڏنا ھئائين تہ مڙس جي پينشن وٺي باحفاظت ھٿ ۾ڏيندو!!
ھاڻي مڙس جي ٻہ لک پينشن ھوندي رڙيون ۽ راڙيون.... تہ مڙس جي گھر کان بہ ويس تہ مڙس جي ٻہ لک پينشن کان بہ.... ۽ رھي بہ نياڻي جي گھر.... ان کان وڌ ٻہ ڪھڙي سزا ھجي ؟؟؟؟ جو پٽن ھوندي نياڻي جي درٓ تي ،ان کان وڌ ٻي ڪھڙي بي وسي ھجي.... ڪڏھن ڪڏھن تہ نياڻو بہ بغلي ھڻي ويھندو آھي تي. ويچاري نِپُٽِي آھي..... پر پُٽن ھوندي
نِپُٽِي سڏائي...........
ھاڻي جو ڪجھ مان چٓوڻُ چاھيان ٿو..... گھڻن جي ھٿن مان ڪِرِي ٿانوَ پوندا ۽ ڪيڏي وڏي حقيقت آھي....!!!!!!!!
شايد ڪنھن سوچيو ھجي..... يا نہ سوچيو ھجي!! ؟؟؟؟
يا ايڏي وڏي ڳالھ ڪرڻ لاءِ وڏو جِگِرَ ھجي.....!!!! ؟؟؟؟؟........ انسان ٿوريءَ دير لاءِ اکيون بند ڪري ۽ سوچي...
ڇا حٓضرت آدَمُ عليه السلام کي ؛آمٓڙِ؛ ھُئي! ؟
ڇا!! ؟؟ ڏاڏِي حٓوا. کي امڙ ھُئي!!! ؟؟؟؟
پوءِ انھن ٻنھي جي جنت ڪاڏي وئي!! ؟؟؟؟
حضرت آدم عليه السلام کي الله تعالٰي پيدا ڪيو ، پوءِ حضرت آدم عليه السلام کي خوش ڪرڻ لاءِ حضرت آدم عليه السلام جي ڪُک مان بيبي حوا کي پيدا ڪيو...... .... ھاڻي ٻڌايو ته حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا جي جنت ۽ جنت جو دروازو ڪاڏي ويا...!!! ؟؟؟... حضرت آدم کي ٻہ پٽ ، ۽ ٻن پٽن جي آدم ۽ حوا اھڙي پالنا ڪئي جو ڀاءُ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو..... ھاڻي ٻڌايو تہ حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي ممتا ڪا ڏي وئي!!!! ؟؟؟؟؟دنيا ڪائنات ۾ ٻہ ڄڻا سڄي دنيا جا اڪيلا وارث پوءِ به اولادِ جي تربيت نہ ڪري سگھيا..... باقي ھن سڄيءَ ڪائنات ۾ گھرُ ناھي تہ سوڍر لاءِ گھرُ ناھي.....
..... سڀٓ کان وڏو ،سڀ کان وڌ قابل احترام رشتو زال ۽ مُڙس جو آھي..... جنھن زال پنھنجي مڙس کي راضي رکيو سا جنت جي حُور ۽ حقدار ھوندي ، مڙس جو بہ ايترو فرض آھي تہ زال کي خوش رکي!! ؟؟؟
ھاڻي جيڪو منھنجو خيال آھي ته... اتي عورت جو امتحان اھو آھي تي عورت سٓسُ جي روپ ۾ڪيترو سچي آھي ؟؟
۽ وڏي نُنھُن ، ننڍي نُنھُن کي ڪيترو ، سمجھي ٿي ۽ انھن ۾ ڪيترو نِڀاءُ ڪري ٿي!! ؟؟؟؟ اصل ۾اتي ئي... رشتن جي سُڃاڻ ۽ پٓرک آھي.... پھريون رشتو زال مڙس جو آھي....
پوءِ سسُ ماءُ جو اھو امتحان آھي تہ پنھنجي اولاد جي ڪھڙي پرورش ڪري ٿي...... پنھنجي نياڻيءَ ۽ نُنھُن ۾ ڪيترو سچائيءَ سان.نِڀاءُ ڪري ٿي.
الله تعالٰي سٓڀنِ نياڻين کي عزت بخشي..... منھنجي زال ، زال جي روپٓ کان نُنھُن جي روپ کي وڌيڪ نِڀايو پٓر مُنھنجي زال کي ذھني طور ايترو تہ جڪڙيو ويو جو ھوءَ زال جا فرض بہ نِڀائڻ جھڙي نہ رھي......منھنجي ھر رشتي اُن سان اھڙو رويو رکيو جو ھوءَ ھر طرح کان ٽٽجي وئي ۽ ڪو رشتو نڀاء نہ ڪري سگھي..... ...... ایک اُردو مْصنف نے کیا خوب لکھا ھے ، جو میری بیوی کی جیتی جاگتی عکاسی کی ہے ۔۔۔۔۔۔۔

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔کیا ملا سسرال میں ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

۔۔۔جب تمھارے حصہ میں کوئی زیورات نھیں آئے ،
۔۔۔کوئی گھر نھیں آیا ، کوئی جائداد یا پراپرٹی نھیں آئی ،
۔۔۔اور تو اور تمھارے حصہ میں کوئی عزت اور
احترام بھی نہیں آیا ۔۔۔۔۔۔
۔۔تو پھر تمھارے حصہ میں صرف دوسروں کی "خدمت"
کیسے آ گئی ؟؟؟؟؟؟
۔۔۔۔کیوں آگئی اور کس لیئے آگئی ؟؟؟
۔۔۔۔کیا آپ کے ساتھ بھی سسرال میں یھی ھوا ؟؟؟!!
۔۔۔۔کہ حقوق کے وقت پیچھے اور خدمت کے وقت
آپ کو آگے کردیا گیا!!! ؟؟؟؟؟

اس بھترین تحریر کی مصنفہ کون ہے ،؟؟ معلوم نہیں ؛
مگر اتنا کر گئی کے میرے لیئے ، اپنی بیگم کے لیئے مجھ پر
احسان کر گئیں ۔۔۔۔جو میں کبھی نہ لکھ پاتا ، میرے لیئے آسانی پیدا کر گئیں ۔۔۔۔۔۔آج میں یے تحریر بیوی کے نام کرکے ،بیوی کا احسان چکا دیا ۔۔۔۔

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔اللّٰہ حافظ۔۔۔۔۔۔

16/05/2026

میں نے اپنی زندگی میں جس کو بھی اپنے گھر کا نمک کھلایا ۔۔۔۔
اس نے اژدھا سانپ کی طرح ڈسا ھے ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
یے میرا آخری تلخ تجربہ رھا ۔۔

Address

Karachi Lines

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سچا رِشتا posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share