Dr Shoukat Gul Rind

Dr Shoukat Gul Rind Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Dr Shoukat Gul Rind, Medical and health, Alghaffar medical center Near Khosa Masjid Langho Road Ubauro, Ubauro.

Well Qualified, experienced and best Physician in ubauro with more than 10 years of experience
qualification:MBBS RMP MCPS (family medicine)
with additional certificates in Diabetes,Rheumatology and Male Gender Health

22/05/2026

Sacrificial animals are sacred
They are a mean to show gratitude toward Allah
They are not meant to be a show piece or laughing objects

15/05/2026

Big shout out to my newest top fans! Mustafa Rind

ڪڏهن ڪڏهن او پي ڊي ڪرڻ کان پوءِ مان ڪرسي تي ويهي رهان ٿو…ٿڪل نه صرف جسم کان، پر ذهن کان به.روز لڳ ڀڳ 200 کان مٿي مريض ڏس...
14/05/2026

ڪڏهن ڪڏهن او پي ڊي ڪرڻ کان پوءِ مان ڪرسي تي ويهي رهان ٿو…
ٿڪل نه صرف جسم کان، پر ذهن کان به.
روز لڳ ڀڳ 200 کان مٿي مريض ڏسان ٿو.
انهن مان اڌ کان وڌيڪ صرف هڪ ئي گهرج کڻي اچن ٿا:
“ڊاڪٽر صاحب، ڊرپ لڳايو.”
“هڪ سور وارو انجيڪشن هڻو.”
کين لڳي ٿو ته علاج صرف اهو آهي جيڪو رڳ ۾ وڃي يا سور ڏئي.
جيڪڏهن ٽيبلٽ ڏيان، آرام سان سمجهايان، ته ڪيترن کي لڳي ٿو شايد صحيح علاج ئي نه ٿيو.
باقي رهيل مريضن مان به گهڻا اهڙا هوندا آهن جن کي جسماني بيماري کان وڌيڪ ذهني ٿڪاوٽ، پريشاني، ڊپ، يا روزاني زندگيءَ جو بار کائي رهيو هوندو آهي.
بدن جو سور، ڪمزوري، الٽيون، چڪر، “سڄو جسم ڀڄي رهيو آهي” — پر ٽيسٽون گهڻو ڪري ٺيڪ.
پوءِ اصل جنگ شروع ٿئي ٿي:
علاج کان وڌيڪ “سمجهائڻ”.
ڪڏهن ڪڏهن 5 منٽن جي بيماري لاءِ 20 منٽ counseling ڪرڻي پوي ٿي.
۽ جڏهن چوان ته “توهان کي ڊرپ جي ضرورت ناهي”، ته ڪجهه ماڻهو ناراض ٿي وڃن ٿا.
ڪجهه سخت لفظ به چون ٿا.
ڪجهه سمجهن ٿا ته ڊاڪٽر ڪنجوسي ڪري رهيو آهي.
سچ ته اهو آهي…
مان به آساني سان اهو ڪري سگهان ٿو جيڪو سسٽم چاهي ٿو.
هر ايندڙ کي ڊرپ لڳائي ڇڏيان، انجيڪشن هڻي ڇڏيان، بيڪار دوائون لکي ڇڏيان.
مريض خوش، رش جلدي ختم، ڪو تڪرار نه.
پر پوءِ مان پنهنجي ضمير کي ڇا جواب ڏيندس؟
اصل تڪليف اها آهي ته جڏهن وقت، توانائي ۽ ڌيان اهڙن ڪيسن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو، تڏهن ڪڏهن ڪو حقيقي خطرناڪ مريض به انهيءَ رش ۾ لڪي وڃي ٿو.
اهو ڊپ هر ايماندار ڊاڪٽر جي دل ۾ هوندو آهي.
ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڊاڪٽر هجڻ صرف دوائون لکڻ ناهي.
اهو ماڻهن جي غلط فهمين، خوفن، سماجي دٻاءَ ۽ سسٽم جي خرابين سان روز جنگ ڪرڻ آهي.
اسان سڀ ڊاڪٽر مڪمل ناهيون.
غلطيون به ٿين ٿيون.
پر يقين ڪريو، ڪجهه ماڻهو اڃا به اهڙا آهن جيڪي واقعي توهان جي ڀلائي چاهين ٿا — ڀلي ان لاءِ کين توهان جي ناراضگي ڇو نه برداشت ڪرڻي پوي.

13/05/2026

ڪاش اللہ دين وارو چراغ ھجي ھا
جنھن سان جھالت ختم ڪري سگھجي ھا

13/05/2026

دنيا کان اسان ھزار سال پوئتي آھيون
سائنسي سوچ اچڻ ۾ صديون لڳنديون ۽ اسان جي حسرت، حسرت ئي رھجي ويندي

13/05/2026

عطائيت جھالت کان سواء نہ ٿي ھلي سگھي

Laughter is the best medicine
12/05/2026

Laughter is the best medicine




To the Pillars of the Healthcare System, Thank you for your unwavering dedication to patients 24/7, every holiday, and e...
12/05/2026

To the Pillars of the Healthcare System,
Thank you for your unwavering dedication to patients 24/7, every holiday, and every festival.


عطائي ڏاگدارن جو آزار ڏاگدار چيو آھي گڙدا خشڪ آھن ڊرپ لڳنديپئسو آھي ڪون غريب آھيون ڊرپ لکي ڏيو ۽ جسم ۾ سور بہ آھي ڪو ٽيڪ...
08/05/2026

عطائي ڏاگدارن جو آزار
ڏاگدار چيو آھي گڙدا خشڪ آھن ڊرپ لڳندي
پئسو آھي ڪون غريب آھيون ڊرپ لکي ڏيو ۽ جسم ۾ سور بہ آھي ڪو ٽيڪو لکي ڏيو ابا دعا ملندئي
اھي جملا ھر روز ٻڌندا آھيون ۽ پنھنجو مٿو کني ماٺ ڪري ويھندا آھيون
سنڌ ۾ جٿي سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتن جي کوٽ آھي ۽ حڪومت کي ڪا پرواھ ناھي ڀلي عوام وڃي کڏ ۾ ڪري
دوائن جا ريٽ ڏسي ھان ٿو ڪنبي
ان ۾ پيدا ٿيندڙ خال کي ڀرين ٿا عطائي ڏاگدار
ماڻھو آيو بيماري سان ٽي ڏينھن لڳاتار گھرائي ٽيڪا ۽ ڊرپون لڳائي پوء جڏھن مريض جي حالت خراب ٿيندي آھي تہ پوء موڪلي ڇڏيندا آھن
سوال اھو آھي تہ ڊرپون فائدو ڏين ڇو ٿيون؟
ان جو ھڪ ئي جواب آھي ماڻھن ۾ پاڻي جي ڪمي
اسان وٽ موسم انتھائي گرم آھي ۽ اڳي جٿي ھر گھر ۾ لسي ھوندي ھئي اڄ اھا اڻ لڀ آھي
ماڻھو پاڻي پيئن ڪون ٿا جنھن جي ڪري ڊيھائيڊريشن (پاڻي جي ڪمي) ٿئي ٿي ۽ مريض کي مٿي جو سور چڪر اچڻ ۽ الٽي ٿي سگھي ٿي
عطائين ان جو شارٽ ڪٽ ڳولي لڌو آھي بس ڊرپ لڳايو مريض جو پاڻي پورو ۽ پئسا بہ جام
ڪنھن کي دل جو مسئلو آھي دل ڪمزور آھي اھو وڃي پاڻ ڄاڻي انھن کي ڇا
پوء اھڙا مريض سڌو ايمرجنسي ۾ لينڊ ڪندا آھن ۽ وارث ڊاڪٽرن تي ڏنڊو کنيون ايندا آھن

08/05/2026

ھر کنگھ لاء کنگھ جي شربت ناھي ھوندي
انجيڪشن ۽ ڊرپ کان بعد عوام جي سڀ کان وڌيڪ پسنديده شربت کنگھ واري شربت ئي آھي اھا بہ ڳاڙھي

08/05/2026

Address

Alghaffar Medical Center Near Khosa Masjid Langho Road Ubauro
Ubauro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr Shoukat Gul Rind posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share