20/06/2025
SLE يا Lupus ليوپس نالي بيماري
ٿر جي ڏورانھي ھڪ ڳوٺ جو مريض سنڌن جي سور جي ڪري جڏھن مون وٽ ڪلنڪـ تي اچي پھتو ت چيائين ڊاڪٽر صاحب گذريل ست سالن کان ھن مرض ۾ مبتلا آھيان سور جون مختلف دوائون کائي کائي ٿڪجي پيو آھيان پر فائدو نٿو ٿي , حيدرآباد ء ڪراچي جا چڪر پڻ ڪاٽي آيو آھيان پر سور مان جان نٿي ڇٽي ,
مون تفصيل سان بيماري متعلق معلومات history ورتي ء مڪمل چڪاس physical examination ڪئي ت مون کي Lupus نالي ھڪ بيماري ھجڻ جو اندازو ٿيو تنھن ڪري آغا خان ليبارٽري مان ھي( اي اين اي ANA) ٽيسٽ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو
جيتوڻيڪ اھا بيماري 9/1 جي نسبت سان عورتن ۾ وڌيڪ ٿيندي آھي پر مون کي مريض جي چڪاس سان تقريبن يقين ھو ت ھن کي ليوپس lupus ئي آھي سو اھا ٽيسٽ ڪرايم ۽ اھا ٽيسٽ مصبت آئي
ھڪ ھفتي جي دوا ڏني ۽ مريض جي سنڌن جو سور ختم ٿي ويو ۽ چاچي تمام گھڻيون دعائون ڏنيون
اوھان جون دعائون ئي منھنجي اصل ڪمائي آھي 🙏🏻