29/05/2023
ڊاؤ DOW اسپتال سنڌين جو قاتل.
ڊاو اسپتال ھڪ اھڙو اسپتال آ جنھن ۾ ھڪ پاليسي تحت ڄاڻي واڻي سنڌي مريضن کي کي موت جي منهن م وجھي ان جي زندگيءَ کي ختم ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن ڪو مريض ڊاو DOW اسپتال ويندو آهي ته ان کي ايمرجنسي EMERGENCY ۾ يا ايڇ يو ڊي HDU ۾ منتقل ڪري ان کي ساھ واري نلڪي ھڻي ان صحيح ڦڦڙن کي خراب ڪري وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويندو آهي. جڏھن ته وينٽيليٽر ھڻنڻ واري جي خبر ڪنهن کي به نه ھوندي ۽ اڪثر مريضن کي رات جو 2 بجي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويندو ان کان پوءِ ڪير به واپس ناهي ايندو.
جڏهن ته ايمرجنسي EMERGENCY وارڊ ۽ايڇ يو ڊي HUD وارڊن م دوائون ته گھرائيوڻ وينديون آهن پر 95%دوائون مريضن کي نه ڏنيون وينديون آهن بلڪ مريضن کي بک ۽ اڃ تي رکيو ويندو آهي.
ڄاڻي واڻي ٽي شفٽون رکيون ويون آهن جڏهن توهان مريض جي صحت جي باري ۾ پڇندا ته چوندا ته اسان کي خبر ناهي جڏهن ٽنھي شفٽن جو عملو مريض جو ھر ھر رت ڪڍندو جيڪو ضايع ڪري توهان کي چوندا ٽيسٽ ڪرڻي آهي.مريض جي فائل کي خفيه رکيو ويندو.
جڏهن ته مريض کي ڏسڻ لاءِ وڏو ڊاڪٽر ايندو ته ھو پنجن منٽن احوال پڇي ھر روز نئون تجربو ڪري نيٽ وڃي مريض جي زندگي کي ختم ڪندو.