23/07/2026
نوٽيفڪيشن
مجاز اٿارٽي جي منظوري سان سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي ٿي، جنهن جي جوڙجڪ ۽ ذميواريون هيٺ ڏجن ٿيون:
ڪاميٽي جا اختيار ۽ ذميواريون (TORs):
ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام سان لاڳاپيل بجيٽ وارا مسئلا حل ڪرڻ.
رٽائرمينٽ ۽ پينشن بابت معاملن جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪرڻ.
ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سڃاڻپ ڪارڊن (IDs) بابت مسئلا حل ڪرڻ.
ڀرتين، ترقيُن ۽ سروس رولز بابت معاملن جو جائزو وٺڻ.
ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سروس اسٽرڪچر سان لاڳاپيل مسئلن جو حل تجويز ڪرڻ.