Aamir ali

Aamir ali PHYSICIAN AND CARDIOLOGIST
GIMS GAMBAT
SSD MEDICAL CENTER DAHARKI MON TO THURSDAY
ECHO ULTRASOUND APPOINTMENT
03312383899 📱

توهان ۽ توهان جي خاندان کي عيد مبارڪ.الله توهان جي قرباني قبول ڪري ۽ توهان جي زندگين کي خوشين سان ڀري ڇڏيڊاڪٽر عامر مگسي
27/05/2026

توهان ۽ توهان جي خاندان کي عيد مبارڪ.
الله توهان جي قرباني قبول ڪري ۽ توهان جي زندگين کي خوشين سان ڀري ڇڏي

ڊاڪٽر عامر مگسي

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز ۽ گمز خلاف سازشهي بيماري گهڻو ڪري ماءُ کان ٻار ڏانهن منتقل ٿئي ٿي۔ٻيو ته هتي اسان جا ماڻهو screening ۽ ...
25/05/2026

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز ۽ گمز خلاف سازش

هي بيماري گهڻو ڪري ماءُ کان ٻار ڏانهن منتقل ٿئي ٿي۔

ٻيو ته هتي اسان جا ماڻهو screening ۽ lab testن کي اڃا تائين مايوب سمجهن ٿا۔

ان کان علاوه pregnancy جي دوران visit جو به مناسب تصور موجود ناهي، ته پوءِ تشخيص ڪيئن ٿيندي؟

هاڻي آخر ۾ ايترا case ڇو سامهون آيا؟ ان جي سادي وجهه اها آهي ته GIMS ۾ مريضن جو ratio وڌيڪ آهي، تنهنڪري case به وڌيڪ ظاهر ٿيا۔ جيڪڏهن مناسب screening ٿئي ته شايد Chandka، Sukkur ۽ Hyderabad ۾ به اهڙي ئي صورتحال سامهون اچي۔

باقي ڀٽي صاحب جي no-referral policy اها آهي ته ڪنهن به delivery، accident يا advance stage cancer واري مريض کي first aid ۽ treatment ضرور ملندو۔

ڊاڪٽر عامر مگسي
Physician Cardiologist
GIMS

Gims Drbhatti

25/05/2026

او الله جا ٻانها! علاج ڪرايو، ڇو ته الله بيماري سان گڏ شفا به پيدا ڪئي آهي.

سنن ترمذي، حديث نمبر 2038 حديثِ نبوي ﷺ

پر هتي توهان اڪثر ڏسندا ته جڏهن مريض کي

دل ❤️

شوگر

گردا
۽ ڦڦڙن

جون بنيادي علامتون ظاهر ٿين ٿيون،

ته علاج نه ڪرائڻ سبب ماڻهو ٻي بيماري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن۔

شوگر جي مريضن ۾ انب کائڻ جو طريقو!!انب، جنهن کي “ميون جو بادشاهه” به چيو ويندو آهي، بهترين ذائقي ۽ وٽامنز سان ڀرپور هوند...
20/05/2026

شوگر جي مريضن ۾ انب کائڻ جو طريقو!!

انب، جنهن کي “ميون جو بادشاهه” به چيو ويندو آهي، بهترين ذائقي ۽ وٽامنز سان ڀرپور هوندو آهي، پر ان ۾ مٺاس به گهڻي هوندي آهي.

ان ڪري شوگر جي مريضن کي انب هيٺين طريقي سان کائڻ گهرجي:

بهتر آهي ته منجهند جو کاڌو وڃي، رات جو کائڻ سان شوگر
اسپائڪس وڌي سگهن ٿا. جيڪڏهن رات جو کائو ٿا ته پوءِ 10-20 منٽ واڪ ڪري پوءِ سمهو.

انب کي ڪٽي ڪري کائو، سڄو انب هڪ ئي وقت کائڻ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

مينگو شيڪ بلڪل نه پيئو ۽ نه ئي چانورن کير سان گڏ کائو.

جيڪڏهن HbA1c 6-7 هجي ۽ دوا به کائيندا هجو ته 1-2 ٽڪر کائي سگهجن ٿا.

جيڪڏهن HbA1c 8 يا ان کان وڌيڪ هجي ته انب کان مڪمل پرهيز آهي.

ڊاڪٽر عامر مگسي

فزيشن ڪارڊيولوجسٽ Gimhs

19/05/2026

ا BP (بلڊ پريشر) سبب موت ڇو ٿيندا آهن؟

1) (بلڊ پريشر) دوا جو غلط ڊوزيج (اڪثر ڊاڪٽر يا پنهنجي مرضي سبب)

2) صحيح رهڻ تي دوا ڇڏي ڏيڻ

3) ساهه جو گهٽجڻ يا ڪلهن ۾ سور رهڻ باوجود چيڪ اپ ڪرائڻ بدران صرف سور جون دوائون کائڻ

4) ٽيسٽ نه ڪرائڻ سبب دل، گردن ۽ شوگر جون بيماريون ٿيڻ

5) خاندان ۾ BP، شوگر، فالج يا بُڪين (گردن) جون بيماريون هجڻ باوجود اسڪريننگ نه ڪرائڻ

ڊاڪٽر عامر مگسي
فزيشن ۽ دل جي بيمارين جو ماهر GIMS

ٿوم (Garlic) کائڻ جو طريقو:جيئن تہ ٿوم ھڪ Anti-oxidant آھي، ان جي کائڻ سان بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو، پر ...
18/05/2026

ٿوم (Garlic) کائڻ جو طريقو:

جيئن تہ ٿوم ھڪ Anti-oxidant آھي، ان جي کائڻ سان بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو، پر ان کي کائڻ جو صحيح طريقو اھم آھي.

ننڍو داڻو ڪُٽي يا چيري 5 منٽ ڇڏي ڏيو، جيئن ان مان نقصانڪار ڪيميڪل خارج ٿي سگهن۔

کاڌي کان پوءِ وٺجي، يا نيم گرم پاڻي يا ماکيءَ سان استعمال ڪجي۔
صرف ٿوم کائي ناشتو نہ ڪرڻ سان معدي ۽ ٻين عضون کي نقصان پهچي سگهي ٿو۔

پاران
ڊاڪٽر عامر مگسي cardiologist and physician gims

ايس ايس ڊي ميڊيڪل سينٽر ڏهرڪي
سومر کان خميس
11 کان 3 وڳي تائين

17/05/2026

غلط فهمي شگر جي مريض بابت
ته 5.6 کان 6.4 HbA1c هجي ته دوا جي بلڪل ضرورت ناهي، ايئن ناهي. نئين تحقيق مطابق خطري وارن عنصرن (Risk Factors) جي مدد سان فيصلو ڪبو.
ڊاڪٽر عامر مگسي

16/05/2026

شوگر جي بيماري ۾ ناشتو نه ڪرڻ سان مريض پنهنجي پاڻ کي تڪليف ڏين ٿا. انڊو، جَوَ (بارلي) جو ماني ۽ ڏهي بهترين غذا آهن، جيڪي بهتر طريقي سان توهان جي بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا۔
ڊاڪٽر عامر مگسي

16/05/2026

نئين گائيڊ لائين مطابق جيڪڏهن ڪٽنب ۾ دل جي بيماري هجي ته LDL (ڪوليسٽرول) جي حد 200 mg/dl بدران هاڻي 150 mg/dl رکڻ گهرجي، وڌڻ جي صورت ۾ مريض کي ڪوليسٽرول جو خطرو رهندو
ڊاڪٽر عامر مگسي
گمس

05/01/2026

آخر سياري ۾ دل جو اٽيڪ فالج ڇو عام آھن؟
ڊاڪٽر عامر مگسي : سردي جي ڪري رت گاڙهو ٿي وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ رت جي ڄمڻ جي صلاحيت وڌي وڃي ٿي، تنهن ڪري دل جي دوري جو خطرو
وڌي وڃي ٿو.

Address

Dhq Hospital
Mirpur Mathelo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Aamir ali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to Aamir ali:

Share

Category