Wajid Soomro official.

Wajid Soomro official. Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Wajid Soomro official., Genealogist, Pano Aqil.

23/07/2026

ٺڪراٺو ويجھو ديھ روپھر ۾ ڳوٺاڻن جو ايس ايڇ او مبارڪپور اطھر مھر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو🙌

ديھ روپھر ۾ ڳوٺاڻن الهبچايو، گل محمد ۽ قادر بخش مهر دانھيندي الزام لڳايو آهي تہ اسان پنهنجي ذاتي زرعي زمين تي ڪم ڪري رهيا هئاسين ته ايس ايڇ او اطهر مهر بنا ڪنھن فرياد تي پوليس ساڻ ڪري اسانکي ڪم کان روڪي ڇڏيو آھي/الھبچايو، گل محمد، قادر بخش مھر

زمين اسانجي آهي اسان ايس ايڇ او کي ھا۽ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ جا ڏنل فيصلا ۽ اوريجنل کاتا ڏيکاريا پر ھو چوي ٿو تہ زمين مان نڪري وڃو نه ته ڪيس داخل ڪندم، انصاف ڪيو وڃي/ مطالبو

اسان کي زمين خالي ڪرائڻ جا مٿان کان حڪم آهن/ ايس ايڇ او مبارڪپور

10/07/2026

ٺڪراٺو واسي پيرسن علي گل مهتم بيماري ۾ مبتلا ٿي بستري ڀيڙو ٿي ويو آھي، غربت سبب علاج نٿو ڪرائي سگھي
بيمار پيرسن جي وارثن مخيرحضرات کي ھٿ ٻڌي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي

ٺڪراٺو/ مبارڪپور ٿاڻي جي حد مبارڪپور شھر مان چور نظير احمد مهتم جي گهر ۾ داخل ٿي ڪمپيوٽر ۽ بيٽري چوري ڪري کڻي وڃڻ جي ڪوش...
27/06/2026

ٺڪراٺو/ مبارڪپور ٿاڻي جي حد مبارڪپور شھر مان چور نظير احمد مهتم جي گهر ۾ داخل ٿي ڪمپيوٽر ۽ بيٽري چوري ڪري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي تہ گهر وارا سجاڳ ٿي پيا، چور چوري ڪيل سامان ڇڏي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف

20/06/2026

ٺڪراٺو: ڳوٺ قابل مھتم مان 12 ڏينھن اڳ مبينا پسند پرڻي لاءِ نڪتل ناري پناھ خاتون جي وارثن جو نياڻي جي عمر شادي حد کان گھٽ ھجڻ ۽ کيس ھن مھل تائين عدالت ۾ پيش نہ ڪرڻ خلاف احتجاج🙌

نھال مھتم ۽ دائود مھتم اسانجي 14 سالن جي نياڻي پناھ خاتون کي اغوا ڪري زبردستي پسند جي پرڻي جو بيان ڏياريو آھي/ الزام👇

اسانجي نياڻي جي حياتي کي خطرو آھي، کيس ھن مھل تائين ڪورٽ ۾ پيش ڪري بيان نہ ڏياريو ويو آھي، نوٽيس وٺي اسانجي نياڻي کي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي/ مطالبو

18/06/2026

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ڳاڙھو دڙو ۾ مھتم برادريءَ جي ماڻھن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي مبارڪپور پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو🙌

ھفتو اڳ ايس ايڇ او مبارڪپور اطھر مھر اسانجي نوجوان عرفان مھتم کي کنڀي کڻي نجي جيل ۾ رکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي/ وارثن جو الزام

پوليس نوجوان جي گرفتاري ظاھر نہ پئي ڪري، اڄ مٿس ڪوڙو پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي/ وارث

اسان مسڪين آھيون، اسانجو نوجوان چور ناھي، مزدوري ڪندو آھي، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي ايس ايڇ او مبارڪپور خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي/ مطالبو

📢 خوشخبريجيئن تہ اوھان جي پنھنجي شھر ٺڪراٺو ۾ جيجل ميٽرنٽي ھوم ۽ ڪلينڪ جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آھي، انھيءَ سلسلي ۾ سومر،...
16/06/2026

📢 خوشخبري
جيئن تہ اوھان جي پنھنجي شھر ٺڪراٺو ۾ جيجل ميٽرنٽي ھوم ۽ ڪلينڪ جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آھي، انھيءَ سلسلي ۾ سومر، 22 جون 2026ع تي ھڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ منعقد ڪئي پئي وڃي، جنھن ۾ عورتن جي بيمارين بابت مڪمل چڪاس ۽ طبي مشورا ماهر ڊاڪٽر ڊاڪٽر سُميہ فرمان ڀٽي پاران ڏنا ويندا.
وقت: صبح 9:00 وڳي کان شام 6:00 وڳي تائين
جاءِ: ڀٽي محلا، باءِ پاس روڊ ڀرسان، ٺڪراٺو
رابطي لاءِ: فرمان ڀٽي 03002566106

12/06/2026

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ قابل مھتم ۾ مھتم برادري جي ماڻھن جو مبينا بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج🙌

ڪجھ ڏينھن اڳ اسانجي 14 ورھين جي نياڻي پناھ خاتون کي نھال مھتم ورغلائي اغوا ڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي/ وارث

پناھ خاتون جي عمر برٿ سرٽيفڪيٽ ۾ 14 سال آھي، جيڪا شادي جي عمر کي نہ پھتي آھي، مبارڪپور ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ھئڻ باوجود پوليس نياڻي کي بازياب نہ ٿي ڪرائي، کيس جلد بازياب ڪرايو وڃي/ مطالبو

پناھ خاتون جي اغوا جو ڪيس ڪجھ ڏينھن اڳ داخل ڪيو آھي، سندس بازيابي لاءِ ڇاپا ھڻي رھيا آھيون/ ايس ايڇ او اطھر مھر

ڪجھ ڏينھن اڳ نھال مھتم ۽ پناھ خاتون مھتم ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آھي/ علائقي ۾ چئوٻول

11/06/2026

ٺڪراٺو ويجھو ٿري علائقي لالو پٽ ۾ ڊي ايس پي حضور بخش مھر جي فارم ھائوس تي اڏيل چئونري کي باھ، لکين روپين سامان سڙي رک🔥

جھنگ کي لڳل باھ ڀڙڪي اٿڻ سبب فارم ھائوس تي اڏيل چئونري کي باھ لڳي وئي، جنھن سبب لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو آھي/ڳوٺاڻا

10/06/2026

ٺڪراٺو ۾ معصوم قبرستان جي رھواسين نالين ۽ قبرستان مان بيٺل پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ تي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي🙌

معصوم قبرستان پاڙي ۾ سوين گھر آھن پر ان باوجود اسانجي پاڙي ۾ ڊرينيج سسٽم نہ ھئڻ سبب نالين جو گندو پاڻي گھرن ۽ قبرستان ۾ جمع ٿي ويو آھي، پيپلزپارٽيءَ جا ووٽر آھيون ڪيترائي ڀيرا پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن، ضلعي توڙي يوسي انتظاميا کان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اپيلون ڪيون آھن پر ان باوجود گندو پاڻي نيڪال نہ ٿي سگھيو آھي، اذيتن ۾ گھاري رھيا آھيون/ استاد علي انور، لالڏنو مھتم، غلام شبير مھتم ۽ ٻيا

چونڊيل نمائندا خورشيد احمد شاهه، اڪرام الله ڌاريجو، ضلعي ۽ يوسي چيئرمين جمع ٿيل پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني دور ڪن/ مطالبو

07/06/2026

ٺڪراٺو ويجهو ڳوٺ اوڏڪي دڙي ۾ اوڏ برادري جي مردن ۽ عورتن مبينا طور مذهب تبديل ڪندڙ نينگري انيتا ڪماري اوڏ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو🙌

اسانجي نياڻي انيتا ڪماري کي چار ڏينهن اڳ ڳوٺ گدراڙو لڳ سنگرار مان ٺڪراٺو واسي نوجوان بخش علي ولد نواب علي مهتم مبينا طور زبردستي اغوا ڪري ڏهرڪي منتقل ڪيو، جتي سندن مذھب تبديل ڪيو ويو آھي/ وارث

نينگري جي عمر 18 سال پوري ناھي، کيس بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو وڃي/ مطالبو

اغوا ڄاڻايل انيتا ڪماري اوڏ ڏهرڪي پهچي اسلام قبول ڪيو آهي، جتي سندس اسلامي نالو رقيه رکيو ويو آهي/ علائقي ۾ چئوٻول

Address

Pano Aqil

Telephone

+923480543100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Wajid Soomro official. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to Wajid Soomro official.:

Shortcuts

Share

Category