28/07/2026
ٽيھن سالن جو نوجوان مزدور، جنهن جي ڄنگھ مزدوري دوران گوڏي کان ھيٺ ڀڄي پئي ھئي ۽ ان ڪنهن ٻي اسپتال مان آپريشن ڪرايو ھيو، پھرين آپريشن ناڪام ٿيڻ کان پوءِ اسان وٽ آندو ويو. اچڻ وقت سندس سموري ڄنگھ ڳريل ھئي ۽ ان مان گند ريلا ٺاهي ھلي رھيو ھو. اسان جي ٽيم ھُن جي ٻيھر آپريشن ڪري، مڪمل صفائي کانپوءِ، ھڏي کي ٻيهر ويھاري، اليزيراف فريم سان فڪس ڪيو. الحمداللہ اڄ پنجن مھينن کان پوءِ سندس فريم ڪڍيو ويو. فريم ڪڍڻ کان فورن پوءِ مريض بغير سھاري گھمي رهيو آهي ۽ وري پنهنجي روزگار سان لڳڻ لاءِ مڪمل تيار آهي.