09/07/2026
۔
ٽنڊو غلام علي ۾ آغا فيملي پاران نوجوانن ۾ راندين جي فروغ لاءِ مرحوم آغا الهڏنو دراني اسپورٽس گرائونڊ جو شاندار افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ شهرين ۽ رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خاص مهمان آغا همايون خان دراني چيو ته صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ نوجوانن کي راندين ڏانهن راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته راندين سان نوجوانن ۾ نظم و ضبط، اتحاد، برداشت ۽ ٽيم ورڪ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته کين منشيات ۽ ٻين منفي سرگرمين کان پڻ بچائي سگهجي ٿو.